ڪراچي مان فتنه الخوارج جو انتهائي گهربل دهشتگرد گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي شير شاهه ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل فتنه الخوارج جي دهشتگرد کي گرفتار ڪري هٿيار به برآمد ڪري ورتو.
رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدار محمد نور ساٿين سان گڏجي ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتي، بم ڌماڪن ۽ اغوا جي وارداتن جو اعتراف ڪيو.
ترجمان ٻڌايو ته جوابدار 2010 ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگرد قيوم محسود جي گروپ ۾ شامل ٿيو، هو 2012 ۾ عابد مڇر جي ٽارگيٽ ڪلنگ ٽيم ۾ شامل رهيو آهي، جڏهن ته جوابدار جا اڪثر ساٿي ڪراچي آپريشن دوران مقابلن ۾ مارجي ويا ۽ گرفتار ٿي چڪا آهن.
ترجمان موجب جوابدار 2015 ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ روپوش رهيو، سندس خلاف مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.