اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت 27هين آئيني ترميم ذريعي آرٽيڪل 6 جي ڪلاز 2 ۾ تبديلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، حڪومتي اتحاد 27هين ترميم وسيلي آرٽيڪل 6 جي ڪلاز 2 ۾ تبديلي ڪرڻ تي متفق ٿي ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آرٽيڪل 6 جي ڪلاز 2 ۾ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ سان گڏ ”آئيني عدالت“ جا لفظ شامل ڪيا ويندا.
ان کانسواءِ ڪلاز 2 تحت سنگين غداري وارو عمل ڪنهن به عدالت طرفان جائز قرار نه ڏئي سگهبو.
You might also like