لاهور (گوهر بٽ) نوٽ ڪريو ته جيڪي شيون 26هين ترميم جو حصو نه بڻجي سگهيون، اهي 27هين ترميم ۾ آنديون ويون ۽ هاڻي جيڪي 27هين ترميم ۾ نه ٿي سگهيون اهي 28هين ترميم ۾ اينديون.بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته اين ايف سي ايوارڊ، تعليم، صحت ۽ آبادي بابت ترميمون آنديون پيون وڃن. پ پ جو ان تي سخت رد عمل آهي. هاڻي اهي ترميمون 28هين ترميم ۾ اينديون. صوبن جي وسيلن، مثال طور معدنيات وفاق حوالي ٿيندي يا صوبن وٽ رهندي يا ٻنهي جو حصو ٿيندو، ان حوالي سان شيون 28هين ترميم جو لازمي حصو هونديون. ٻئي پاسي پيپلزپارٽي کانسواءِ سادي اڪثريت سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ پوري نٿي ٿئي. مائنس پيپلزپارٽي رڳو پي ٽي آءِ ووٽ ڏئي سگهي ٿي. 28هين ترميم لاءِ صورتحال هن وقت ڏکي لڳي ٿي.