27 هين ترميم سان عام ماڻهن جي زندگي متاثر نه ٿيندي\نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(رپورٽ : علي ساجد تنيو ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته 27 هين ترميم هجي يا 28 هين ترميم هجي، پيپلز پارٽي 18 هين ترميم، صوبائي خودمختياري ۽ اين ايف سي ۾ صوبن جي حصي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندي، اعليٰ عدليه جي ججز پاران 27 هين ترميم ۾ آئيني عدالت جي قيام تي اعتراض بلاجواز آهي، ان وقت سپريم ڪورٽ ڪٿي هئي جڏهن ملڪ ۾ ٽيڪ اور ٿي رهيو هو ۽ عدالت مارشلائن کي تحفظ ڏئي آمرن جي ها ۾ ها ملائي رهي هئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو هن چيو ته 27 هين ترميم سان عام ماڻهن جي زندگي متاثر نه ٿيندي ۽ پيپلز پارٽي آئيني عدالت جي قيام جي نقطي جي حمايت ڪري سپريم ڪورٽ کان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهيءَ جو ڪو به بدلو نه وٺي رهي آهي جيڪڏهن پيپلز پارٽي کي بدلو وٺڻو هجي ها ته پيپلز پارٽي سپريم ڪورٽ ۾ شهيد ڀٽو جي ڦاهيءَ واري فيصلي کي تاريخ ۾ درستگي ڪرائڻ بابت ريفرنس داخل نه ڪري هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته 27 هين ترميم کان اڳ وڏيون افواهون ڦهلايون ويون ته اين ايف سي ۾ صوبن جي حصي ۾ ڪٽوتي ڪئي ويندي ۽ 18 هين ترميم کي رول بيڪ ڪيو ويندو ۽ نوان صوبا صوبا ٺاهي سنڌ جا ٽڪڙا ڪيا ويندا پر سڀني ڏٺو ته 27 هين ترميم ۾ اِهي نقطا شامل ئي نه آهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.