ڪراچي/حيدرآباد/سکر (عرفان بلوچ ) ڪراچي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي 27 ھين آئيني ترميم ۽ قومپرست اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ايس يو پي سربراھ سيد منير حيدر شاهه، جيئي سنڌ محاذ جي سربراھ رياض چانڊيو، جسقم اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪري نعري بازي ڪئي وئي، ان موقعي تي رياض چانڊيو چيو ته 26 ۽ 27 ترميمن ۾ قومن جي وجود جو انڪار آھي، ان ۾ جمھوريت، آزاد عدليه۽ آزاد صحافت جو خاتمو آھي، ڏاڍ جو ھڪ نظام مڙھيو پيو وڃي، 18 سالن کان آصف زرداري تباھي ڪئي آھي، سنڌ معاشي، سماجي، تعليم، صحت سميت ھر شعبي ۾ پوئتي وئي آھي، تنھن باوجود آصف علي زرداري کي اھا ڇوٽ ڏني وئي آھي ته کائنس ڪو به پڇاڻو نه ٿيندو، سنڌ جبري گمشدگين سان منھن ڏنو آھي، سياسي قيادت جو قتل ٿيو آھي، اسان جي دوستن کي ساڙي لاش ڦٽا ڪيا ويا، بشير خان قريشي، خالد محمود سومرو کي قتل ڪيو ويو، سياسي ڪارڪنن جو قتل عام ڪيو ويو، ھاف فراء جي نالي تي ھزارين ماڻھو اپاھج ڪيا ويا آھن، سنڌ ۾ ڪو ٻڌائي ته جمھوريت جو راڄ آھي؟ عدليه جي آزادي ختم ڪري ڇڏيائون، عامر نواز وڙائچ چيو 27 ھين ترميم ڪارو قانون آهي، اھڙي ترميم ذريعي عدليه ۽ ٻين ادارن جو قتل ڪيو ويو آهي، جمھوريت ختم ٿي چڪي آھي، اھڙين سياسي پارٽين کي گھرجي ته ھو ھاڻي پنھنجي پارٽين مان جمھوريت جو نانءُ ھٽائي ڇڏين، ھڪ ٻئي کي نوازي مراعتون ڏنيون ويون آھن، ھي مارشل جو دور ھلي رھيو آھي جيڪو آھستي آھستي واضح ٿيندو پيو وڃي، غير آئيني ۽ ڪاري قانون خلاف جدوجھد جاري رکبي، ملير ۾ جسقم ملير جي اڳواڻ مختيار سومري، مرتضي جوڻيجو، مشتاق زھراڻي ، جساف بشير قريشي گروپ جي اڳواڻ وهاب گبول، جسقم بشير جو چاڪر خان شر عزادار چانڊيو امجد سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، هوڏانهن سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي 27هين آئيني ترميم خلاف حيدرچوڪ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ريلي دوران پوليس لائوڊ اسپيڪر واري گاڏي کي بار بار روڪيندي رهي ۽ ريلي جي پڄاڻي کان پوءِ لائوڊ اسپيڪر واري گاڏي سميت 2 گاڏين ۾ ويٺل 18 ڪارڪنن ۽ گاڏين کي حراست ۾ وٺي ڪينٽ ٿاڻي تي کڻي وئي. اطلاع ملڻ تي سنڌ بار ڪائونسل جو ميمبر مير مڱريو، هاءِ ڪورٽ بار جو جنرل سيڪريٽري اسرار چانگ ۽ ٻيا وڪيل ٿاڻي تي پهتا، جن ڳالهين بعد ڪارڪنن کي آزاد ڪرايو ۽ گاڏيون ڇڏرايون ويون. ريلي ۾ وڪيلن ۽ قومي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي جي اڳواڻي روشن ٻرڙو، ديدار شام، ايڊووڪيٽ مير مڱريو، اسرار چانگ ۽ ٻين ڪئي. اڳواڻن چيو ته 27هين آئيني ترميم ملڪ ۽ جمهوريت جي خلاف سازش آهي، 27هين آئيني ترميم ذريعي صوبن کي ورهائڻ، وسيلن تي قبضو، عدالتن تي حملو ۽ ڪرپٽ حڪمرانن کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. هنن چيو ته 27 آئيني ترميم غير جمهوري قوتن کي طاقتور بنائڻ آهي. هنن چيو ته 27هين ترميم کان پوءِ ملڪ جي چئني صوبن ۾ بيچيني ڦهليل آهي. بلوچستان کي ڀت سان لڳايو ويو آهي، سنڌ جي وحدانيت تي حملي جي تياري ڪئي پئي وڃي ٻئي پاسي ڄامشوري ۾ ريلي جي اڳواڻي ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ روشن علي ٻرڙو، جسقم (بشير خان) جي خالق پنھور، جسقم اڳواڻ محبوب اوٺو، ايس يو پي اڳواڻ خدابخش ٿيٻو، جسام اڳواڻ اياز ڏاهاڻي ۽ ٻين ڪئي جڏهن ته خالد لاشاري، اڪبر ميمڻ، باغي جي ايم شورو ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. مظاھري جي اڳواڻي ڪندڙ اڳواڻن جو چوڻ ھو ته 27 آئيني ترميم ملڪ جي جمھوري نظام کي مفلوج بڻائڻ ڇڏيندي، لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر مظهر مغل، خادم گهانگهرو، منظور شيخ، عزيز الله ڀٽو، حبيب سنڌي، ڪاظم علي عباسي، سرفراز ڪلهوڙو، عزيز الرحمان شيخ، اطهر سومرو، ارشاد ملگاڻي، لياقت ڀٽي، احمد علي تنيو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سجاول ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ نواز خان زئور، جسقم شهيد بشير خان ضلعي سجاول جي صدر محمد خان پٺاڻ، جسقم شھيد بشير خان ضلعي سجاول جي آرگنائيزر منظور احمد ميمڻ، سجاول تعلقي آرگنائيزر ايوب کوسو ممتاز ساند سٽي چيف آرگنائيزر شاھجهان لغاري، نجيب الله ميمڻ، ڪامريڊ يوسف ڪنڀار، آفتاب چانڊيو، جيئ سنڌ محاذ جو صدر نعمان شورو ايس يو پي جو اڳواڻ مشتاق سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪنڌ ڪوٽ ۾ دلمراد ڏاھاڻي، عبدالعزيز سومرو، ظريت بجاراڻي، فدا حسين محمداڻي، شعبان جکراڻي، گھايل سنڌي، ڪامريڊ عباس باجڪاڻي سلطان نندواڻي جي اڳواڻي ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ ايس يو پي جي سنڌ آبادگار يونائيٽيڊ فورم جي مرڪزي صدر سيد بشير شاھ ، جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ پنهل جمالي ، ايس يو پي جي ضلعي صدر عمران لغاري ، جسقم (بشيرقريشي گروپ) جي پپو ذوالفقار ڀرڳڙي ، جسقم ( نياز ڪالاڻي گروپ ) جي گلشير ڪولاچي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 27هين آئيني ترميم جي خلاف اسٽيشن روڊ کان احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو، ڏوڪري ۾ رڪ سنڌي، صابر جروار، ايڊووڪيٽ امداد جويو، ظهير بسمل، خالد جوڻيجو، مصطفيٰ مونس بخاري، علي ڏنو ، مويا ۾ رمضان باگراڻي، نور احمد باگراڻي، ارشد ديشي سکر۾عيدن جاگيراڻي ۽ ماجد علي ڏنور شهدادڪوٽ ۾ ڪامريڊ حبدار ميرجت، ڪامريڊ ذوالفقار مگسي، فيض مينگل ۽ انور مغل جي اڳواڻي ۾ گهارو ۾ اعجاز شيخ ۽ حاجي محسن ٿھيم جي اڳواڻيءَ ۾ ميرپور ماٿيلو ۾ حاتن خان شر، ڪمال مهر، عبدالمجيد ميربحر، ميرحسن لاشاري، اڪرم ميتلو، جنيد جلباڻي ٺٽي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي، ضلعي صدر امجد شورو، جيئي سنڌ قومي محاذ جي بابو جان خشڪ، پورھيت مزاحمت تحريڪ جي سلمان جاکرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ، نوشهروفيروز ۾ الله واري چونڪ کان ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساري، مجيب ماڇي، عرفان ڏاھري جيئي سنڌ قومي محاذ ۔رضا بھڻ۔اسلم ڪوريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ريلي ڪڊي وئي ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته حڪمران انڌي گھوڙي تي چڙھيل آھن وارهه ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري غفار ميرجت عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ شير محمد چانڊيو، محمد صلاح چانڊيو، سرتاج احمد چانڊيو ايس يو پي تعلقي صدر پير سعيد قريشي، فتح محمد وڪو,، ميرمشتاق تنيو، برھان سنڌيار، سرفراز تنيو، محمد علي چانڊيو جي اڳواڻي ۾ تنگواڻي ۾ عبدالرزاق نندواڻي، ھوران بھلڪاڻي، ياسين بھلڪاڻي، نصرﷲ نندواڻي، يونس ڏاھاڻي، عبدالجبار ملڪ، بدين ۾ امير آزاد پنهور، خادم حسين ٽالپر، سيد حيدر شاھ، دانش نور سومر، و تنوير ڪاتيار ۽ ٻين جي اڳواڻي جيڪب آباد ۾ مقبول لاشاري، فدا لکڻ جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته 27 ترميم سويلين بالادستي تي حملو آهي ماجسٽريٽ اختيار بحال ڪرڻ سان ماڻهن کي وڏيرن جاگيردارن جي تابع ڪيو ويندو انساني حق شديد متاثر ٿيندا اهڙي ترميم تي عمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ گهڻو نقصان ٿي سگهي ٿو