ڌرميندر: ” هن ڪهاڻي ۾ ايموشن به آهي، ڊرامو به ۽ ٽريجڊي پڻ“

اڱاري جي صبح ڀارتي ميڊيا جي وڏن ادارن، جن ۾ انڊيا ٽوڊي، اي بي پي نيوز، نيوز 18 ۽ هندوستان ٽائيمز شامل آهن، ليجنڊري بالي ووڊ اداڪار ڌرميندر جي لاڏاڻي بابت خبرون هلائيون، جيڪي سندس خاندان پاران سختي سان ترديد ڪيون ويون.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب دعويٰ ڪئي وئي ته اداڪار جي ٽيم 11 نومبر جي صبح سندس وفات جي تصديق ڪئي آهي. رپورٽن ۾ چيو ويو ته ڌرميندر کي گذريل ڏينهن ممبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي هو وينٽيليٽر تي هو ۽ 89 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.
ناليواري ڀارتي صحافي راجديپ سرديسائي ۽ شاعر/ليکڪ جاويد اختر به پنهنجي ٽوئيٽن ۾ ڌرميندر جي وفات جي تصديق ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو.
ان کانپوءِ ڌرميندر جي ڌيءَ ايشا ديول انسٽاگرام تي پوسٽ شيئر ڪندي اهڙين خبرن کي رد ڪيو، جڏهن ته سندس گهرواري ۽ اداڪارا هيما مالني به ڪوڙيون خبرون ڦهلائڻ تي ڀارتي ميڊيا تي سخت تنقيد ڪئي.
هيما مالني پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لکيو ته ”جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو معاف ڪرڻ جوڳو عمل ناهي! ذميوار چينلز ڪيئن هڪ اهڙي شخص بابت ڪوڙيون خبرون پکيڙي سگهن ٿا، جيڪو علاج هيٺ آهي ۽ آهستي آهستي صحتياب ٿي رهيو آهي؟“
هن وڌيڪ چيو ته ” هي تذليل جوڳو ۽ غير ذميواراڻو عمل آهي، مهرباني ڪري اسان جي خاندان کي رازداري ڏيو.“

ڌرميندر جي زندگي ۽ فلمي سفر تي هڪ نظر
بالي ووڊ ليجنڊري اداڪار ڌرميندر، 8 ڊسمبر 1935ع تي گڏيل هندوستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي لڌيانه جي ڳوٺ نصرالي ۾ هڪ پنجابي گهراڻي ۾ ڄائو.
هن جو پورو نالو ڌرميندر ڪيول ڪرشن ديول آهي، ۽ سندس اباڻو ڳوٺ ڊانگون آهي، جيڪو پکوال تعلقي راڪوٽ، لڌيانا ضلعي ۾ اچي ٿو.
1950ع واري ڏهاڪي ۾ ڌرميندر هڪ فلمي مقابلي ۾ حصو ورتو هو.
هڪ ڀيري هن ٻڌايو هو ته ” ڳوٺ ۾ ڪو اسٽوڊيو نه هو، تنهنڪري ڀر واري ڳوٺ ۾ هڪ ننڍڙي اسٽوڊيو ۾ پنهنجي تصوير ڪڍرائي مقابلي لاءِ موڪلي.“
ان کانپوءِ هو فلم فيئر مقابلي لاءِ چونڊيو ويو ۽ اتان کان سندس فلمي سفر شروع ٿيو. هڪ انٽرويوءَ ۾ هن ٻڌايو هوته ” دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مداح هن ڏانهن پيار ڀريا سنهيا موڪليندا آهن، جنهن ۾ پاڪستان کان ويندي نائيجيريا تائين ماڻهن جا خط اچن ٿا، اِهي پيغام مون کي توانائي بخشن ٿا ۽ مان هن عمر ۾ به پاڻ کي جوان ڀانيان ٿو. “
ڌرميندر جي اداڪارا هيما مالني سان جوڙي ڏاڍي مشهور ٿي ۽ پوءِ ٻنهي هميشه هميشه لاءِ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، جوڙي کي ٻن نياڻين جو اولاد آهي.
اداڪاري بابت ڇا خيال آهي واري سوال تي ڌرميندر جو چوڻ آهي ته ” اداڪاري منهنجي محبوبه آهي، جيئن عاشق معشوق ۾ ڪڏهن، ڪڏهن رُسامو ٿيندو آهي، ائين ئي ڪڏهن مان رُسي ويندو آهيان ته هوءَ پرچائيندي آهي، ڪڏهن هوءَ ڪاوڙجي ويندي آهي مان ميڙ منٿ ڪندو آهيان، پر اسان هڪ ٻئي جو ساٿ ناهي ڇڏيو.“
هو جنهن کي فلم ڪندي پتو پئجي ويندو هو ته اِها هلندي يا نه، پر ڪيئي ڪارڻ هوندا هئا جنهن سبب کيس انهن فلمن ۾ ڪم ڪرڻو پوندو هو…
هن قبول ڪيو هو ته سندس پٽن سني ۽ بوبي ديول سان گڏ ٺاهيل فلم” يملا، پگلا، ديوانا ٽو “ جي ڪهاڻي تي محنت نه ڪئي وئي ۽ اِها فلم سڀ کان وڏي غلطي هئي.
ڌرميندر جو دليپ ڪمار سان جذباتي لڳاءُ هو، اردوءَ سان به هن جي دلچسپي آهي، جنهن جو اهم ڪارڻ اِهو هو ته هن جي تعليم ۽ تربيت به ان ئي ٻولي ۾ ٿي ۽ هو پاڻ به شاعري ڪندو آهي، اردو جي حوالي سان هن جو خيال آهي :
احسان مند هون زبان اردو تيري زبان ۾ بيان احساسِ دل آ گيا.
هن ڪيئي بلاڪ بسٽر فلمن ۾ ڪم ڪوي جن ۾ شعلي، ميرا نام جوڪر ، ڪاجل، راجا راني، ڌرم وير، چپڪي، چپڪي، آنکين، ميري همدم ميري دوست، آيان ساون جهوم ڪي، ميرا گائون ميرا ديش، لوفر، اپني شامل آهن.
پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف به ڌرميندر جو مداح آهي، 2014ع ۾ جڏهن ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ نواز شريف دهلي آيا هو، تڏهن هن ڌرميندر سان به ملاقات ڪئي هئي.
ڌرميندر هڪ انٽرويو ۾ ان ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو هوته ” جڏهن نواز شريف دهلي آيو ته هن سان ملاقات ٿي، نواز شريف ٻڌايو ته سندن خاندان ڀارت ۾ روڊ ذريعي سفر ڪري رهيو هو، ته رستي ۾ هن منهنجي گهر اڳيان ڪار روڪرائي، هن پنهنجي زال ۽ ٻارن کي چيو ته ڏسو هي ڌرميندر جو گهر اٿوَ.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.