ٿمپو (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي نئين دهلي ۾ ٿيندڙ ڪار ڌماڪي کي سازش قرار ڏيندي چيو آهي ته ان جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
لال قلعو ڀارت جي مشهور تاريخي يادگارن مان هڪ آهي، جتي نريندر مودي هر سال آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي تقرير ڪندو آهي، پوليس اڃا تائين لال قلعي ڀرسان پيش آيل واقعي جي نوعيت ۽ سببن جا تفصيل جاري ناهن ڪيا.
ڌماڪي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 19 زخمي ٿيا هئا.
مودي پاڙيسري ملڪ ڀوٽان جي سرڪاري دوري دوران هڪ تقرير ۾ چيو ته مان سڀني کي خاطري ٿو ڪرايان ته اسان جون ايجنسيون ان سازش جي پاڙن تائين پهچنديون، ان واقعي ۾ ملوث هر شخص کي انصاف جي ڪهٽڙي ۾ آندو ويندو.
You might also like