اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نادرا شادي شدا شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته اهي ازدواجي حيثيت اپ ڊيٽ نه ڪرائڻ تي قانوني مسئلن کي منهن ڏئي سگهن ٿا.
نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) شادي شدا شهرين لاءِ اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
نادرا چيو آهي ته شهري پنهنجي ازدواجي حيثيت (Marrital Status) کي نادرا جي رڪارڊ ۾ فوري طور اپ ڊيٽ ڪرائين ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به قسم جي قانوني مسئلي کان بچي سگهجي.
ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪيترائي ماڻهو پنهنجي شادين جي داخلا يونين ڪائونسل ۾ ته ڪرائي رهيا آهن پر نادرا ڊيٽابيس ۾ اڃا تائين ڄاڻ اپ ڊيٽ ناهي ڪرائي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته شهري ويجهي نادرا سينٽر وڃي پنهنجي ازدواجي حيثيت کي درست ڪرائي سگهن ٿا، ازدواجي حيثيت اپ ڊيٽ ڪرائڻ جي فيس 100 رپيا مقرر آهي پر شهرين کي نڪاح نامو يا شادي جو سرٽيفڪيٽ لازمي فراهم ڪرڻو پوندو.
You might also like