ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار پريم چوپڙا کي سيني ۾ تڪليف سبب ممبئي جي ليلاوتي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، 82 ورهين جي اداڪار وائرل انفڪشن، دل جي بيماري ۽ وڌندڙ عمر جي حوالي سان مختلف مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پريم چوپڙا گذريل ٻن ڏينهن کان اسپتال ۾ داخل آهي ۽ وڌندڙ عمر سبب سندس طبعيت ۾ هوريان هوريان بهتري اچي رهي آهي.
رپورٽن موجب، پريم چوپڙا اسپتال ۾ داخل ٿيڻ کان وٺي ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ آهي، في الحال کيس آءِ سي يو منتقل نه ڪيو ويو آهيا ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته کيس جلد اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويندو.
You might also like