معيشت لاءِ خوشخبري، سانگهڙ مان گيس جي پيداور ۾ واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي معيشت لاءِ سٺي خبر اچي وئي، سانگهڙ ضلعي جي گمبٽ سائوٿ بلاڪ ٽو مان گيس جي پيداوار ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن جي تصديق پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ به ڪئي آهي.
پي پي ايل ترجمان موجب گمبٽ سائوٿ بلاڪ ۾ موجوده جي پي ايف ٽو مان هاڻ روزانو 60 ايم ايم سي ايف ڊي گيس حاصل ڪئي پئي وڃي، جيڪا ان کان اڳ 55 ايم ايم سي ايف ڊي هئي، اهڙي ريت گيس جي روز جي بنياد تي پيداوار ۾ 5 ايم ايم سي ايف ڊي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ترجمان چيو ته گيس سان گڏوگڏ گمبٽ سائوٿ بلاڪ ٽو مان روزانو 35 بيرل ڪچو تيل ۽ هڪ ميٽرڪ ٽن ايل پي جي به حاصل ڪئي پئي وڃي، پي پي ايل ان بلاڪ ۾ 65 سيڪڙو ڀائيوار آهي.
ماهرن موجب ان اڳڀرائي سان نه رڳو توانائي جي شعبي کي استحڪام ملندو پر ملڪي معيشت تي به هاڪاري اثر پوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.