اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي هاڪي ٽيم جي رانديگرن اهم سيريز کان اڳ هيڊ ڪوچ جي غير موجودگي کي مايوس ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو.
رانديگرن جي ذريعن موجب، پاڪستان هاڪي فيڊريشن (پي ايڇ ايف) ۽ طاهر زمان کي معاملو صلاح مشوري سان حل ڪرڻ گهرجي ها، روانگي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ تائين صورتحال واضح نه هجڻ سبب ٽيم تي خراب اثر پيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هيڊ ڪوچ طاهر زمان جي موجودگي ٽيم لاءِ فائدي واري آهي، هيڊ ڪوچ کي رانديگرن واري معاملي ۾ نرمي ڏيکارڻ کپي ها ۽ ڪئمپ ۾ دير سان اچڻ تي ڊراپ ڪرڻ جي بدران ڏنڊ جرمانو لڳائي ڇڏي ها.
ذريعن چيو ته ملڪ لاءِ گڏيل اختلاف اهم سيريز کان اڳ پاسي تي رکي سگهجن پيا، هيڊ ڪوچ طاهر زمان ڪئمپ ۾ دير سان رپورٽ ڪرڻ تي ٻن رانديگرن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو هو.
ذريعن موجب، پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي عملدارن طرفان اهم سيريز کان اڳ ٻن رانديگرن کي ڊراپ ڪرڻ کان روڪيو ويو، پي ايڇ ايف ڊراپ ڪرڻ بدران دير سان ايندڙ سڀني رانديگرن تي ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو چيو.
پي ايڇ ايف اختيارين ۽ طاهر زمان جي وچ ۾ اختلاف وڌڻ سبب طاهر زمان هيڊ ڪوچ جي ذميواري تان هٿ کڻي ويو ۽ بنگلاديش جي دوري لاءِ محمد عثمان کي هيڊ ڪوچ جي ذميواري ڏني وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته طاهر زمان اسپين جي دوري لاءِ به دستياب نه هوندو، پي ايڇ ايف پرو هاڪي ليگ لاءِ پرڏيهي ڪوچ جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ پهريون ميچ 13 نومبر تي ڍاڪا ۾ کيڏي ويندي، ۽ سيريز جي فاتح ٽيم ورلڊ ڪپ ڪواليفائر کيڏڻ جي اهل هوندي.
You might also like