اسلام آباد ڌماڪي کان اڳ ئي افغانستان جي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي ”ڪمنگ سون اسلام آباد“ جا ٽوئيٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ڪچهري ڌماڪي کان اڳ افغانستان مان ڪيل سوشل ميڊيا پوسٽن سوال اٿاري ڇڏيا.
اسلام آباد ڪچهري ۾ ڌماڪو لڳ ڀڳ 12 لڳي 45 منٽن تي ٿيو پر افغانستان جي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي صبح کان ئي اهڙيون پوسٽون ٿيڻ لڳيون، 6 لڳي 45 منٽن تي افغان طالبان سان جڙيل هڪ ايڪس اڪائونٽ تي “coming soon Islamabad” جهڙا ٽوئيٽ ڏٺا ويا.
ذريعن موجب اهڙا ڌمڪين وارا پيغام افغان ملٽري پريڊ جي موقعي تي به ڏنا ويا، جنهن ۾ لاهور ۾ افغانستان جو جهنڊو لهرائڻ ۽ اسلام آباد کي ساڙڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۽ نئين دهلي ۾ ڌماڪا پاڪستان مخالف ملڪن جي ملي ڀڳت آهي، جنهن جو گڏيل مقصد پاڪستان کي نقصان پهچائڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.