”آئين سان هٿ چراند تي مشرف تي آرٽيڪل 6 لڳو، وقت اچڻ تي سڀني جو حساب ٿيندو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ پنجاب جي اڳوڻي گورنر سردار لطيف کوسا چيو آهي ته مشرف کي آئين سان هٿ چراند ڪرڻ تي آرٽيڪل 6 جو منهن ڏسڻو پيو ۽ 27هين ترميم کانپوءِ به آرٽيڪل 6 موجود آهي، وقت اچڻ تي سڀني کي حساب ڏيڻو پوندو.
پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا، تحريڪِ تحفظِ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي، سينيٽر علامه راجا ناصر عباس ۽ مصطفيٰ نواز کوکر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي لطيف کوسا چيو ته 27هين آئيني ترميم ۾ پاڪستان جي عدالتن کي داغدار ڪيو ويو، عدالتن جي تذليل ڪئي وئي.
هن وڌيڪ چيو ته 27هين آئيني ترميم ذريعي چيف جسٽس جي حيثيت به هاڻي ختم ٿي ويندي ۽ ترميم ذريعي عدليا تي قبضو ڪيو ويو، هاڻي ججن کي بدلي ڪيو ويندو، عدالتن ۾ پنهنجي مرضي جا ججز آندا ويندا ۽ جيڪو انهن جي خلاف فيصلو ڏيندو، بدلي ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.