ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڱاري جي صبح ڀارتي ميڊيا جي وڏن ادارن، جن ۾انڊيا ٽوڊي، اي بي پي نيوز، نيوز 18 ۽ هندوستان ٽائيمز شامل آهن، ليجنڊري بالي ووڊ اداڪار ڌرميندر جي لاڏاڻي بابت خبرون هلائيون، جنهن جي سندس ڪٽنب طرفان ترديد ڪئي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب دعويٰ ڪئي وئي هئي ته اداڪار جي ٽيم 11 نومبر اڱاري جي صبح سندس وفات جي تصديق ڪئي آهي.
رپورٽن ۾ چيو ويو ته ڌرميندر کي گذريل ڏينهن ممبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو، جتي هو وينٽيليٽر تي هو ۽ 89 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.
ناليواري ڀارتي صحافي راجديپ سرديسائي ۽ شاعر / ليکڪ جاويد اختر به پنهنجي ٽوئيٽن ۾ ڌرميندر جي وفات جي تصديق ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو.
ان کانپوءِ ڌرميندر جي ڌيءَ ايشا ديول انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪندي اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي، جڏهن ته سندس گهرواري ۽ اداڪارا هيما مالني به ڪوڙيون خبرون ڦهلائڻ تي ڀارتي ميڊيا تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
هيما مالني پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لکيو ته ” جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو معاف ڪرڻ جوڳو عمل ناهي! ذميوار چينلز ڪيئن هڪ اهڙي شخص بابت ڪوڙيون خبرون پکيڙي سگهن ٿا، جيڪو علاج هيٺ آهي ۽ هوريان هوريان صحتياب ٿي رهيو آهي؟ “
هن وڌيڪ چيو ته ” هي تذليل جوڳو ۽ غير ذميواراڻو عمل آهي، مهرباني ڪري اسان جي خاندان کي رازداري (پرائيويسي) ڏيو.“
You might also like