اسلام آباد(ع آ نيوز ) حڪومت ۽ ان جي اتحادي جماعتن پاران متعارف ڪرايل 27ون آئينی ترميم ۾ جتي هڪ عليحده آئينی عدالت جي قيام جي تجويز ڏني وئي آهي، اتي ان ترميم ۾ آئينی عدالت ۾ ڪم ڪندڙ ججن جي حوالي سان پڻ تفصيل ڏني وئي آهي. ان ترميم جو مقصد سپريم ڪورٽ ۾ زير التوا ڪيسن جي تعداد ۾ گهٽتائي ۽ عوامي سطح تي انصاف جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ آهي، پر ان سان گڏ ڪجهه سوال ۽ تحفظات پڻ اُڀري رهيا آهن. حڪومت اڃا تائين آئينی عدالت جي سربراهه جي حوالي سان واضح اشارو ناهي ڏنو، پر قانون واري وزارت جي هڪ اهلڪار، جنهڻن نالو ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪيو، بي بي سي اردو کي ٻڌايو ته آئينی عدالت جي سربراهه لاءِ سپريم ڪورٽ جي موجوده آئينی بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين جو نالو غور هيٺ آهي. ان کان علاوه جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس باقر نجفي جا نالا پڻ هن عهدي لاءِ زير غور آهن. وزارتِ قانون جي اهلڪار موجب بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هڪ سينيئر جج کي به آئينی عدالت ۾ تعينات ڪيو وڃي ٿو.آئينی ترميم جي مسودي ۾ ججن جي بدلين بابت اهم تبديليون تجويز ڪيون ويون آهن. ان ترميم مطابق ججن جي بدلي جو اختيار صدرِ کان کڻي سپريم جوڊيشل ڪميشن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو آهي. ججن جي ٽرانسفر يا ڪنهن ٻئي هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي کان انڪار ڪرڻ وارن ججن کي ريٽائر تصور ڪيو ويندو. جيڪڏهن ڪنهن هاءِ ڪورٽ جي جج جي ٻئي هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي ڪئي وڃي ٿي ته ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکيو ويندو ته جنهن هاءِ ڪورٽ ۾ هو وڃي رهيو آهي، ان جي چيف جسٽس جي سينيارٽي متاثر نه ٿئي. پاکستاني حڪومت جو دعويٰ آهي ته آئينی عدالت جو قيام سپريم ڪورٽ ۾ موجوده آئينی بينچ سبب زير التوا ڪيسن ۾ اضافو ۽ عوامي ڪيسن ۾ دير ٿيڻ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته ان سان عوامي سطح تي انصاف جي فراہمي ۾ سڌارو ٿيندو ۽ ماڻهن ۾ مايوسي ختم ٿيندي. آئينی ترميم مطابق آئين جي آرٽيڪل 184(3) کي ختم ڪري ان ۾ تبديلي ڪئي وڃي ٿي. آئينی ترميم ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته از خود نوٽيس جو اختيار سپريم ڪورٽ کان کڻي آئينی عدالت ڏانهن منتقل ڪيو وڃي ٿو. پاکستان بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين عابد ساقي بي بي سي اردو کي ٻڌايو ته آئين جي آرٽيڪل 199 تحت جيڪي اختيار هاءِ ڪورٽس وٽ هئا، اهي آئينی عدالت کي منتقل ڪري ڏنا ويندا.عابد ساقي جو چوڻ هو ته مفاد عامه جي بنياد تي آئينی عدالت قائم ڪئي پئي وڃي ۽ ان آئينی ترميم ذريعي سپريم ڪورٽ کان مفاد عامه ۾ از خود نوٽيس وٺڻ جو اختيار کڻي آئينی عدالت کي ڏنو وڃي ٿو. ذوالفقار ڀٽي جو اهو پڻ چوڻ هو ته "هن آئينی ترميم کان پوءِ اهو تاثر محسوس ٿي رهيو آهي ته آئينی عدالت جي قيام کان پوءِ حڪومت جي خلاف ڪو فيصلو نٿو اچي ذوالفقار ڀٽي موجب، "ظاهر طور تي، ڳالهه صرف هتي تائين محدود ناهي، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ۾ موجود ڪنهن ڪيس ۾ ڪو آئينی نڪتو سامهون اچي ٿو، ته ڪو به وڪيل اهو چوندي سگھي ٿو ته ان ڪيس کي آئينی عدالت ڏانهن موڪليو وڃي.”ذوالفقار ڀٽي جو وڌيڪ چوڻ هو ته "هن آئينی ترميم سان عدليه کي مڪمل طور تي مفلوج ڪري ڇڏڻ جو امڪان آهي، ڇو ته هاڻي سڀ ڪيس آئينی عدالت ڏانهن موڪليا ويندا ۽ اهڙي طرح سپريم ڪورٽ جي ڪارڪردگي محدود ٿي ويندي.”