زين شاهه، نياز ڪالاڻي، رياض چانڊيو سميت 26 ڄڻن تي ڪيس داخل

مانجهند (رپورٽ: بابو عمراڻي) وڏا ڇڇر ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي ايس يو پي مرڪزي صدر سيد زين شاهه، جسقم بشير خان قريشي جي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيي سميت 20 ڄاتل ۽ 6 اڻڄاتل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ ايس يو پي ٽائون سن جي صدر ۽ وائيس چئرمين سيد آصف علي شاهه، تعلقي صدر محمد عمر ابڙو، شهمير خاصخيلي، عبداللطيف پهنور، عنايت الله شاهاڻي، خورشيد عالم ميمڻ، بابل لطيف کوسو، نعمت الله شاهاڻي، عبدالستار سومرو، ذوالفقار علي ملاح، خادم حسين شاهه، گلزار کوسو، جسقم ڪارڪنن تراب علي شاهه، عطاءُ الله شاهاڻي، شهرين حسنين شاھ، ياسر شاهه، اميت ڪمار کي نامزد ڪيو ويو آهي. اي ايس آءِ بدرالدين ڪلهوڙو جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ڄاڻايلن سن انڊس هاءِ وي کي بند ڪري مسافرن کي ملڪي سلامتي خلاف تقريرون ڪري ڀڙڪايو. ڪارڪنن موقف ڏيندي چيو ته سن وٽان روڊ بند ڪرڻ جو ڪوڙو الزام مڙهيو ويو آهي پر ڪارڪن 28 نومبر تي رٿيل حيدرآباد واري جلسي ۾ ضرور شرڪت ڪندا.

عوامي تحريڪ پاران قومپرست اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت

حيدرآباد (رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ ٻين اڳواڻن، سيد زين شاهه ۽ ٻين سياسي اڳواڻن تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي. هنن چيو ته حڪومت ضياءُ، ايوب ۽ مشرف وارا مارشلائي طريقا استعمال ڪري رهي آهي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت سياسي ڪارڪنن ۽ سماجي اڳواڻن جي آواز کي دٻائي رهي آهي. 27هين آئيني ترميم کان اڳ ئي ان جا خراب اثر نظر اچڻ لڳا آهن. هنن اعلان ڪيو ته 16 نومبر تي حيدرآباد ۾ هزارين ماڻهن جو مارچ ٿيندو.

ايس يو پي پاران اڳواڻن خلاف سن ۾ داخل ٿيل ايف آءِ آر جي مذمت

ڄامشورو (ن ع آ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو، مرڪزي نائب صدر امير آزاد پنھور، مرڪزي نائب صدر سيد منير حيدر شاھ، مرڪزي نائب صدر منير احمد نائچ، مرڪزي نائب صدر عارف نياز آرائين، مرڪزي جنرل سيڪريٽري جڳديش آھوجا، مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري خواجه نويد امين ۽ پارٽيءَ جي مرڪزي باڊي جي اڳواڻن جي ايم سيد ايڊيفس جامشورو مان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ جسم اڳواڻ رياض علي چانڊيو سميت سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي 20 ڪارڪنن مٿان ڪيل ڪوڙي ايف آءِ آر جي مذمت ڪجي ٿي. هنن چيو ته پوليس اسٽيشن ڇڇر ايٽ سن تي داخل ڪيل ايف آءِ آر  بي بنياد ۽ ڪوڙي آهي جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل ڏينهن تي سيد زين شاھ، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ رياض چانڊيو سميت ٻي قيادت جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس ڪري رهي هئي ۽ ان ڏينهن تي سن اڳيان ڪنهن به قسم جو روڊ بند ٿيڻ جو واقعو پيش نه آيو آهي جنهن جي سڄي علائقي سميت سموري سنڌ کي خبر آھي. اسان سمجهون ٿا ته اهڙي قسم جون ايف آءِ آرز داخل ڪرڻ پٺيان ايس ايس پي ڄامشورو، سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ حڪومت جو هٿ آھي. اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جي سرڪار اهڙي قسم جون ايف آءِ آرز داخل ڪري سيد زين شاھ ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ کي حراسان ڪرڻ چاهين ٿا. اسان ڪنهن قسم جي خوف ۾ نه اينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.