ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا مهوش حيات چيو آهي ته منهنجي خواهش آهي ڇوڪريون مون کي آئيڊيل طور ڏسي انسپائريشن وٺن.
هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي مهوش حيات چيو ته مان گهٽ پر سٺو ڪم ڪيو آهي، جنهن سبب منهنجو نالو ۽ چهرو ماڻهن جي ذهنن ۾ ويهي ويو آهي، عام طور تي سال ۾ رڳو هڪ ئي پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪندي آهيان پر اهو معياري هوندو آهي، جنهن سبب منهنجو ڪم ماڻهن کي سدائين ياد رهندو آهي.
هن چيو ته مان سدائين چيلينجنگ ۽ ڏکيا ڪردار ادا ڪرڻ چاهيندي آهيان ۽ هدايتڪارن جي به پهرين پسند آهيان، مون کي انڊسٽري ۾ ڪم ڪندي اڃا 20 سال ناهن ٿيا پر سٺي ڪم سبب ماڻهن کي لڳندو آهي ته 20 سال يا ان کان به وڌيڪ عرصي کان ڪم ڪري رهي آهيان.
سندس چوڻ هو ته مون کي شوبز ۾ ڪم ڪندي 12 کان 15 سال ٿيا آهن، اميد ته وڌيڪ 20 سال ڪم ڪندي رهنديس ۽ ٻن ڏهاڪن کانپوءِ انتهائي اعليٰ مقام تي هونديس.
مهوش حيات چيو ته مان سٺي ڪم کي ان ڪري ترجيح ڏيندي آهيان، ڇو ته منهنجي خواهش آهي جيڪي ڇوڪريون مون کي پسند ڪنديون آهن، اهي مون مان اتساهه وٺن، مون کي آئيڊل طور ڏسي انسپائريشن وٺن.
You might also like