اوور 40 ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان، آفريدي به شامل، رزاق ڪپتان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ويٽرنز ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن پاران آءِ ايم سي اوور 40 ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2025ع لاءِ 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
چاليهه سالن کان وڏي عمر وارن رانديگرن جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان ٽيم جي قيادت اڳوڻو آل رائونڊر عبدالرزاق ڪندو، اسڪواڊ ۾ اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي پڻ شامل آهي، جڏهن ته فواد عالم نائب ڪپتان طور ٽيم سان گڏ هوندو.
ٻين رانديگرن ۾ ذوالفقار بابر، همايون فرحت (وڪيٽ ڪيپر)، سهيل خان، تابش خان، شريار غني، نديم جاويد، عرفان مشتاق، عدنان بيگ، محمد علي، عاطف مقبول، جاويد منصور، حسن ناصر، محمد سليمان، طارق محمود ۽ عمران علي شامل آهن.
ليجنڊري جاويد ميانداد مينٽور طور ٽيم سان گڏ هوندو، جڏهن ته ڪرڪيٽر جلال الدين کي هيڊ ڪوچ ۽ اعظم خان کي ٽيم مئنيجر مقرر ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ٽورنامينٽ 21 نومبر کان پهرين ڊسمبر تائين ڪراچي ۾ کيڏي ويندي.
گروپ ون ۾ پاڪستان، ويسٽ انڊيز، ڏکڻ آفريڪا، هانگ ڪانگ، ڪئناڊا ۽ يو اي اي شامل آهن، جڏهن ته گروپ ٽو ۾ آسٽريليا، آمريڪا، سريلنڪا، زمبابوي، سعودي عرب ۽ ريسٽ آف دي ورلڊ جي ٽيمن کي رکيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.