راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي چيو آهي ته اسان جو بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ ٽنهي شعبن تي فوڪس آهي، ذميواري کڻڻ رڳو بابر، رضوان، صائم يا شاهين جو ڪم ناهي، سڀني کي ذميواراڻي کڻڻي پوندي.
سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز کان اڳ راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهين آفريدي چيو ته ڏکڻ آفريقا خلاف سيريز کٽڻ تي خوشي ٿي، رانديگرن کي خبر آهي ته ڪهڙين غلطين تي ڪم ڪرڻو آهي، غلطين تي هڪٻئي سان ڳالهائيندا آهيون.
هن چيو ته ڄاڻي واڻي ڪير به ڪيچ ڊراپ ناهي ڪندو، اهو راند جو حصو آهي، اسان جي فيلڊنگ گذريل ڪجهه عرصي کان بهتر ٿي آهي.
سندس چوڻ هو ته حسن نواز کي ڊراپ ڪرڻ جو مطلب پلان کان ٻاهر ڪرڻ ناهي، حسن نواز پنهنجي بيٽنگ پوزيشن تي ڊوميسٽڪ کيڏندو، هو جنهن نمبر تي کيڏندو آهي، في الحال ان تي بيٽر سٺو پرفارم ڪري رهيا آهن.
شاهين آفريدي چيو ته محمد رضوان سٺو انسان آهي، سڀ کان اڳ ۾ ان کي ٻڌايو ته مان ڪپتان ٿي رهيو آهي توهان جي ڪهڙي راءِ آهي، رضوان ڪپتاني ڇڏڻ جو فيصلو پاڻ ڪيو ۽ ان جي مشوري سان ئي مان ڪپتاني قبول ڪئي.
فاسٽ بالر واضح ڪيو ته مان ضرورت پوڻ تي رڳو اڳوڻن ڪپتانن کان نه پر سڀني کان مشورو وٺندو آهيان، اميد آهي ته بابر اعظم ضرور ڪارڪردگي ڏيکاريندو ۽ سينچري سان واپسي ڪندو.
ضرورت پوڻ تي سڀني کان صلاح وٺندو آهيان، غلطين تي هڪٻئي سان ڳالهائيندا آهيون: شاهين آفريدي
You might also like