موجوده چيف جسٽس جي سينارٽي برقرار رهندي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم ۾ موجوده چيف جسٽس جي سينارٽي برقرار رهندي.
سومر ڏينهن ترميم منظور ٿيڻ کانپوءِ سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اسحاق ڊار چيو ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آئيني عدالت موجود آهي ۽ الڳ آئيني عدالت جي قيام سان فريادين جي بهتر نموني دادرسي ٿي سگهندي، اها هڪ وڏي اڳڀرائي آهي.
هن چيو ته ميثاق جمهوريت ۾ آئيني عدالت جو قيام شامل هو ۽ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.