لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ ڪوٽ لکپت جي علائقي ۾ پوليو ٽيم تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ عورت ورڪر جو مٿو ڦاٽي پيو.
پوليس موجب عورت ورڪر مٿي ۾ سر لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي، جڏهن ته ان جي اسڪوٽي کي به نقصان پهتو.
پوليس چيو ته واقعو ان وقت پيش آيو، جڏهن عورت ورڪر ٻارن کي ويڪسين پيئارڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران هڪ عورت ٻارن کي ويڪسين لڳرائڻ کان انڪار ڪيو ۽ ورڪر جي سمجهائڻ تي مڇرجي پئي.
پوليس موجب عورت ۽ ان جي ٻن پٽن پوليو ٽيم تي حملو ڪيو، واقعي کانپوءِ پوليو ٽيم جي انچارج جي درخواست تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته واقعي کانپوءِ جوابدار عورت ۽ ان جا پٽ فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي.
You might also like