اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناليواري عالم مفتي تقي عثماني صدر کي ڪيسن کان تاحيات ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ مفتي تقي عثماني صدارتي ڇوٽ کي دين جي ابتڙ قرار ڏيندي چيو ته اسلام ۾ ڪو به شخص، ڀلي اهو ڪيتري به وڏي عهدي تي هجي، عدالتي ڪارروائي کان مٿانهون نٿو ٿي سگهي، خلفاءِ راشدين جا مثال سڀني جي سامهون آهن.
هن چيو ته اسان جي دستور اڳ به صدر کي صدارت دوران تحفظ ڏنو هو، جيڪو اسلام جي خلاف هو ۽ هاڻ ڪنهن شخص کي تاحيات اها ڇوٽ ڏيڻ شريعت ۽ آئين ٻنهي جي روح جي ابتڙ آهي، اهو قدم ملڪ لاءِ انتهائي شرمناڪ ثابت ٿيندو.
مفتي تقي عثماني پارليامينٽ ميمبرن کي اپيل ڪئي ته اهي اهڙو ڏوهه نه ڪن ۽ ملڪ کي ان بي عزتي کان بچائين.
You might also like