جي يو آءِ جو 27هين ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙ سينيٽر خلاف ڪارروائي جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ 27هين آئيني ترميم جو حصو بڻجندڙ پارٽي سينيٽر خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
جي يو آءِ جي سينيئر اڳواڻ عبدالغفور حيدري چيو ته پارٽي پاليسي جي ابتڙ ووٽ ڏيندڙ سينيٽر خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن چيو ته اسان جي نظر ۾ آئين ۾ ترميم قومي مفاد ۾ ٿيندي آهي، جي يو آءِ 27هين آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
واضح رهي ته جي يو آءِ سان واسطو رکندڙ سينيٽر احمد خان ۽ پي ٽي آءِ جي سيف الله ابڙي 27هين آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.