نئين دهليءَ ۾ فضائي گدلاڻ سبب جونٽي رهوڊز پريشان!پوسٽ وائرل

خنئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽر جونٽي رهوڊز ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي جي فضائي آلودگي سبب پريشان ٿي ويو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هن دهلي ۽ گوا جي ڀيٽ ڪندي تصويرون شيئر ڪيون ۽ لکيو ته ”شڪر آهي هو ڏکڻ ڀارتي شهر گوا ۾ رهي ٿو، جتي سندس ٻار گهر کان ٻاهر فٽبال کيڏي رهيا آهن، جڏهن ته دهليءَ ۾ ٻارن کي گهر اندر رهڻ جو چيو وڃي ٿو.“
واضح رهي ته سيارو شروع ٿيڻ کان اڳ ئي دهلي جو ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 400 تائين پهچي ويندو آهي، جيڪا صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار سطح آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.