فيلڊ مارشل سبب آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو: پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو مستعفي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙي چيو آهي ته مان اڄ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڪري آئيني ترميم تي ووٽ ڏيڻ آيس.
سيف الله ابڙي آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ کانپوءِ ايوان ۾ خطاب ڪندي چيو ته ڀارت خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي فتح سڀني لاءِ فخر جوڳي آهي، صدر ٽرمپ جيتري عزت اسان جي فيلڊ مارشل کي ڏني ڪنهن ٻئي کي نه ڏني، اڄ مان سينيٽ جي رڪنيت تي استعيفيٰ ڏيان ٿو.
هن چيو ته 26هين آئيني ترميم وقت منهنجي گهرواري گرفتار ٿي هئي، منهنجي خاندان جا 10 ماڻهو کنيا ويا هئا، ڪنهن پي ٽي آءِ ميمبر منهنجي لاءِ آواز نه اٿاريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.