سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي گڏيل ڪميٽي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي گڏيل ڪميٽي آئين جي آرٽيڪل 243 تي تفصيلي مشاورت کانپوءِ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي.
سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽين جي گڏيل اجلاس ۾ حڪومتي اتحادي جماعتن طرفان وڌيڪ 3 ترميمون پيش ڪيون ويون.
ذريعن موجب تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم جي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيل ڊرافٽ تي مشاورت جو عمل مڪمل ڪيو ويو، واڌو ترميمن تي سڀاڻي تائين حتمي فيصلو ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اي اين پي، بي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجون ترميمون به پيش ڪيون.
ذريعن موجب خيبر پختونخواهه جو نالو تبديل ڪرڻ جي اي اين پي جي تجويز تي حڪومت وڌيڪ وقت گهري ورتو، بلوچستان ۾ صوبائي اسيمبلي جون سيٽون وڌائڻ جي ترميم تي به حڪومت وڌيڪ وقت گهريو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ترميمن تي سڀاڻي تائين وڌيڪ غور کانپوءِ حتمي فيصلو ڪيو ويندو.
ذريعن موجب آئين جي آرٽيڪل 243 تي تفصيلي مشاورت کانپوءِ منظوري ڏني وئي، گڏيل پارلياماني ڪميٽي آئيني عدالتن جي قيام جي شق جي منظوري به ڏني.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي فيصلن جو مدو 6 مهينن مان وڌائي هڪ سال ڪرڻ جي ترميم منظور ڪئي وئي، هڪ سال تائين ڪيس جي پيروي نه ٿيڻ تي ان کي اڪليل تصور ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.