هانگ ڪانگ (ويب ديسڪ) پاڪستان هانگ ڪانگ سڪسز ڪپ جي فائنل ۾ ڪويت کي شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽي ورتو.
پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 6 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 135 رنسون ٺاهيون، ڪپتان عباس آفريدي 52 رنسن جي اننگز کيڏي، عبدالصمد 42 ۽ خواج نافع 22 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ ڪويت جي ٽيم آخري اوور جي پهرئين بال تي 92 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
واضح رهي ته پاڪستان 6 ڀيرا اهو ٽائيٽل کٽي سڀني کان اڳتي آهي، جڏهن ته انگلينڊ 5 ٽائيٽل کٽيا آهن.
You might also like