چيف آف ڊفينس فورسز جو عهدو آرمي چيف کي ڏيڻ ۽ وفاقي آئيني عدالت جي تجويز،فيلڊ مارشل جو عهدو تاحيات رهندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ پيش ڪيل  27هين آئيني ترميم تحت هڪ نئون عهده "چيف آف ڊي فنس فورسز” متعارف ڪرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جيڪو موجوده آرمي چيف پاڻ سنڀاليندو۔  ترميمي مسودي موجب، جيڪڏهن ڪنهن کي فيلڊ مارشل، مارشل آف ايئر فورس يا ايڊمرل آف فليٽ جو رينڪ ڏنو وڃي ٿو، ته اهو آفيسر تاحيات وردي ۾ رهندو ۽ کيس ساڳيون مراعات به هميشه لاءِ حاصل رهنديون۔اهم نڪتا هن ريت آهن:آرمي چيف، نيوي چيف ۽ ايئر چيف جي مقرري صدر، وزيراعظم جي صلاح تي ڪندو۔چيف آف جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو عهده ختم ڪيو ويندو۔وزيراعظم، چيف آف ڊي فنس فورسز جي سفارش تي ڪمانڊر نئشنل اسٽرٽيجڪ ڪمانڊ جو تقرر ڪندو۔فيلڊ مارشل، مارشل آف ايئر فورس ۽ ايڊمرل آف فليٽ جي رينڪ ۽ مراعات تاحيات رهنديون۔اهڙن عهديدارن کي صدر وانگر عدالتي استثنا حاصل هوندي۔ڪمانڊ جي مدت پوري ٿيڻ کان پوءِ وفاقي حڪومت کين رياستي مفاد ۾ نيون ذميواريون به ڏئي سگهندي۔فيلڊ مارشل يا ساڳين عهدن کي پارليامينٽ جي مواخذي ذريعي ختم ڪري سگهبو۔

اسلام آباد (بيورو)27هين آئيني ترميم ۾ ملڪ ۾ هڪ نئين "وفاقي آئيني عدالت” قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جيڪا آئيني نوعيت جي معاملن تي فيصلو ڪرڻ جو اعليٰ فورم هوندي۔ترميمي  مسودي مطابق، وفاقي آئيني عدالت ۾ هر صوبي مان برابري جي بنياد تي جج شامل ڪيا ويندا، جڏهن⁠ته ان جو چيف جسٽس ۽ ٻين ججز جي مقرري صدر ڪندو۔وفاقي آئيني عدالت کي پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪرڻ جو اختيار به حاصل هوندو، جڏهن⁠ته صدرِ مملڪت ڪنهن به قانوني يا آئيني معاملي تي راءِ لاءِ اهو معاملو وفاقي آئيني عدالت ڏانهن موڪلي سگهندو۔ترميم موجب، هاءِ ڪورٽن جي ججز جي بدلي (ٽرانسفر) جو اختيار هاڻي جوڊيشل ڪميشن وٽ هوندو۔ جيڪڏهن ڪو جج ٽرانسفر قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندو، ته کيس ريٽائر تصور ڪيو ويندو۔مجوزه 27هين آئيني ترميم تحت پاڪستان جي عدالتي نظام ۾ وڏي ڦيرڦار تجويز ڪئي وئي آهي، جنهن سان سپريم ڪورٽ جا ڪيترائي اختيار وفاقي آئيني عدالت ڏانهن منتقل ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن۔اهم نڪتا هن ريت آهن:قانوني معاملن کي سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلڻ واري شق ختم ڪئي وئي آهي۔سپريم ڪورٽ جي ازخود نوٽيس (شق 184) کي آئين مان حذف ڪيو ويو آهي۔وفاقي آئيني عدالت جو جج 68 سال جي عمر تائين عهدي تي رهندو، جڏهن⁠ته ان جو چيف جسٽس 3 سالن جي مدت پوري ٿيڻ بعد ريٽائر ٿي ويندو۔صدر پنهنجي اختيار سان آئيني عدالت جي ڪنهن جج کي قائم مقام چيف جسٽس طور مقرر ڪري سگهندو۔ترميم موجب، سپريم ڪورٽ جي فيصلن کانسواءِ پاڪستان جي سڀئي عدالتون وفاقي آئيني عدالت جي فيصلن جون پابند هونديون۔آئيني عدالت يا سپريم ڪورٽ کي اختيار هوندو ته هو ڪنهن به هاءِ ڪورٽ مان اپيل يا ڪيس پاڻ وٽ منتقل ڪري يا ٻي هاءِ ڪورٽ ڏانهن موڪلي سگهي۔ان کان علاوه، جيڪڏهن:ڪو هاءِ ڪورٽ جو جج وفاقي آئيني عدالت يا سپريم ڪورٽ ۾ مقرري قبول نه ڪندو، ته کيس ريٽائر تصور ڪيو ويندو۔ساڳيءَ طرح، سپريم ڪورٽ جو ڪو جج وفاقي آئيني عدالت جو جج ٿيڻ کان انڪار ڪندو، ته اهو به ريٽائر تصور ڪيو ويندو۔پهرين چيف جسٽس جي مقرري لاءِ صدر، وزيراعظم جي صلاح تي سپريم ڪورٽ جي ججن مان هڪ کي چونڊيندو، جڏهن⁠ته وفاقي آئيني عدالت جا پهريان ججز صدر، وزيراعظم جي صلاح ۽ چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت سان مشاورت سان مقرر ڪندو۔ ترميم ۾ صدر ۽ گورنرن کي مڪمل فوجداري استثنا ڏنو ويو آهي۔صدر خلاف تاحيات ڪا به فوجداري ڪارروائي نه ٿي سگهندي۔گورنرن خلاف سندن مدتِ ڪار دوران ڪا به فوجداري ڪارروائي نه ٿي سگهندي۔ڪابه عدالت صدر يا گورنر جي گرفتاري يا جيل موڪلڻ بابت حڪم جاري نه ڪري سگهندي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.