تامل فلم ”ادرز“ جي مشهوري تقريب ان وقت تڪرار جو شڪار ٿي وئي، جڏهن هڪ صحافي اداڪارا گوري ڪشن کان جسماني وزن بابت سوال ڪري وڌو.
تقريب دوران صحافي فلم جي هڪ منظور جو حوالو ڏيندي چيو ته ”هيرو توهان کي کنيو، ته توهان جو وزن ڪيترو آهي؟
گوري ڪشن ڪاوڙجي پئي ۽ چيائين ته اهو ڪهڙو سوال آهي؟ منهنجو وزن ڄاڻڻ توهان لاءِ ڇو ضروري آهي؟
هن چيو ته ڇا توهان فلم يا ڪردار بابت ڪو سوال نٿا ڪري سگهو؟ اهو سوال غير ضروري ۽ بي عزتي ڪرڻ جهڙو آهي، مهرباني ڪري باڊي شيم کي معمول نه بڻايو.
You might also like