گهر ۾ دستي بم ڦاٽڻ سان 3 ڄڻا اجل جو شڪار

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي خيبر ۾ گهر ۾ دستي بم ڦاٽڻ سان 3 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
پوليس موجب باڙا ملڪ دين خيل ٿاڻي جي علائقي ۾ گهر ۾ دستي بم ڦاٽو، جنهن سبب 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، مارجي ويلن ۾ پيءُ ۽ پٽ به شامل آهن.
پوليس ٻڌايو ته مارجي ويلن جي سڃاڻپ دولت مير، هارون ۽ رحمت الله جي نالن سان ٿي آهي، جڏهن ته حبيب الله زخمي آهي، لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.