آءِ سي سي اجلاس: ايشيا ڪپ ٽرافي معاملي تي ميمبر ملڪن جو موقف سامهون اچي ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي اجلاس ۾ ايشيا ڪپ جي ٽرافي وارو معاملي تي ڪو به بحث ناهي ڪيو ويو.
ذريعن موجب، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) طرفان اجلاس ۾ ايشيا ڪپ ٽرافي واري معاملي تي ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس کانپوءِ ڪجهه بورڊ ميمبرن ٻنهي ملڪن سان ايشيا ڪپ ٽرافي وارو مسئلو حل ڪرڻ تي ڳالهايو، ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن کي صلاح مشوري سان معاملي جو حل ڪڍڻ گهرجي.
ذريعن موجب، آءِ سي سي بورڊ جي اجلاس گذريل ڏينهن دبئي ۾ ٿيو، جنهن ۾ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي پڻ شرڪت ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته ايشيا ڪپ ٽرافي جو معاملو بلڪل حل ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.