اسلام آباد(آصف بشير چوڌري+مظهر عباس) لڳي ٿو ته حڪومت ۽ طاقتور حلقا چاهين ٿا ته اها ترميم جلد کان جلد پاس ڪئي وڃي،سينيٽ اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي،پارليامينٽ ۾ صاف نظر اچي رهيو هو ته اڄ اها ترميم پيش نه ٿيندي، ڇو ته ميمبرن جي حاضري گهٽ هئي، ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته حڪومتي بئنچن وٽ به ڊرافٽ جي ڪاپي موجود نه هئي،ان مان لڳي ٿو ته حڪومتي اتحاد جي اندر به ڪجهه شڪايتون ۽ تحفظات موجود آهن۔ ڪيترائي سينيٽ ميمبر پاڻ کي ”رٻڙ اسٽيمپ“ طور استعمال ٿيندو ڏسي مايوسي جي ڌٻڻ ۾ ۽ پاڻ کي بيوس محسوس ڪرائي رهيا آهن،سندن چهرن مان لڳي رهيو هو ته اهي جمهوريت کي استحڪام نه پيا ڏين،جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف کي اسحاق ڊار،اعظم نذير تارڙ،اٽارني جنرل ۽ راڻا ثناءُ الله سان گڏ پيپلز پارٽي جي قيادت سان ملاقات ڪرڻي هئي پر ملاقات نه ٿي سگهي، بعد ۾ اسحاق ڊار جي اڳواڻي ۾ سرڪاري ڌر جي وفد سان ملاقات ڪرائي وئي،پ پ جي سي اي سي ميمبرن کي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وزيراعظم جي سرڪاري جهاز ۾ ڪراچي موڪليو ويو، وزيراعظم جو اهو ئي جهاز اڃا تائين ڪراچي ۾ موجود آهي ۽ پارٽي اجلاس جي حتمي منظوري جو انتظار ڪري رهيو آهي۔ذريعن موجب سي اي سي اجلاسن ۾ بلاول جو موڊ جارحاڻو لڳي رهيو هو،اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته پ پ جي سي اي سي اجلاس ۾ صدر آصف علي زرداري ڪيئن موجود هو؟ صدر مملڪت،گورنر،سينيٽ چيئرمين،قومي اسيمبلي اسپيڪر هجن اهي سياسي وابستگين کان آجا هوندا آهن،ٻئي پاسي ذريعن موجب پ پ کي راضي ڪرڻ لاءِ هڪ طاقتور وفاقي وزير کي ذميواري مليل آهي،جيڪو ڪالهه ڪراچي ۾ زرداري هائوس ۾ موجود هو ۽ اعليٰ شخصيت جو پيغام کڻي ويو،جڏهن ته رڳو آرٽيڪل 243 تي راضي ٿيڻ ۽ باقي ترميمن کي رد يا خدشا ظاهر ڪرڻ سان پوري 27هين ترميم سواليه بڻجي ويندي،پ پ به ان ڪري ٻڏتر ۾ آهي ڇو ته سنڌ ۾ سياسي شعور وڌيڪ آهي،ڪئنالن واري مسئلي تي پ پ سنڌ جي مزاحمت اڳ ئي ڏسي چڪي آهي،27هين ترميم ۾ به جيڪڏهن مفاهمت ڪئي وئي ته ان جي قيمت پ پ سنڌ ۾ سياسي صورت ۾ ڀريندي.