ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ چڙيا گهر ختم ڪري قدرتي ماحول ۾ نيشنل پارڪ ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي چڙيا گهر مان رڇ رانو جي منتقلي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، درخواستگذار جي وڪيل انڪشاف ڪيو ته چڙيا گهر ۾ وٽرنري ڊاڪٽر جو ڪمرو اسٽور طور استعمال ٿي رهيو آهي، ايڪسري مشين خراب آهي، آپريشن ٿيٽر استعمال لائق ناهي، جڏهن ته جانورن کي بيهوش ڪرڻ يا رت جا نمونا وٺڻ جو به ڪو نظام موجود ناهي.
عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جانورن جي صحت ۽ بهتري لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ چڙيا گهر ختم ڪري قدرتي ماحول ۾ نيشنل پارڪ ٺاهيو، چڙيا گهر ائين ناهن هلندا، جانورن کي ننڍن ننڍن پڃرن ۾ قيد ڪرڻ ظلم آهي.
عدالت چيو ته توهان جو مقصد جانورن جي سار سنڀال هجي رڳو ٽڪيٽ لڳائي تماشو ڏيکارڻ نه.
سنڌ هاءِ ڪورٽ هدايت ڪئي ته ڪراچي چڙيا گهر ۾ ويڪ اينڊ کانسواءِ عوامي تماشو بند ڪيو وڃي.
You might also like