ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ۽ رقاصه راکي ساونت هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي منفرد انداز ۽ تڪراري بيان سبب خبرن جي زينت بڻجي وئي آهي.
راکي ساونت اهو غير امڪاني انڪشاف ڪندي چيو ته منهنجي ماءُ لاڏاڻي کان اڳ هڪ خط ڇڏيو هو، جنهن ۾ لکيو ويو هو ته سندس ”اصلي پيءُ“ ڊونلڊ ٽرمپ آهي.
هن چيو ته جڏهن ماءُ جو لاڏاڻو ٿيو ۽ مان گهر ويس ته بينڪ جو لاڪر کوليو، جنهن مان ڪيترو ئي سامان نڪتو، جيڪو مان ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيو، ان لاڪر مان هڪ خط به نڪتو، جنهن ۾ منهنجي ماءُ چيو هو ته تون سدائين سوال ڪندي هئينءَ ته تنهنجو پيءُ ڪير آهي ته اهو ڊونلڊ ٽرمپ آهي، مون کي به ان وقت خبر پئي ته ڊونلڊ ٽرمپ منهنجو پيءُ آهي.
ان کان اڳ به راکي جي وڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ هن اها ئي دعويٰ ڪئي هئي ته ڊونلڊ ٽرمپ سندس پيءُ آهي، جنهن تي اتي موجود فوٽو گرافرن ٽهڪ ڏنا.
هڪ فوٽو گرافر مزاحيا انداز ۾ چيو ”ٽرمپ ته وزيراعظم مودي کي به پريشان ڪندو آهي“، ان تي راکي جواب ڏنو ته ٿينڪ يو سو مچ، مون سان نه وچڙو.
You might also like