ڪافي جو شوق هاڻ روز مرهه جي عادت نه پر لگزري مشروب بڻجي چڪو آهي، دبئي جي هڪ ڪيفي دنيا جي سڀ کان مهانگي ڪافي پيش ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو، جنهن جي قيمت 3600 درهم (تقريبن 80 هزار رپيا) آهي.
ان مهانگي ڪافي لاءِ استعمال ٿيندڙ بينز جو نالو Nido 7 Geisha آهي، جيڪي پاناما جي بارو نالي ٻرندڙ جبل ڀرسان محدود مقدار ۾ پوکيا ويندا آهن.
اهي بينز ”بيسٽ آف پاناما“ نيلامي ۾ تقريبن مڪمل اسڪور حاصل ڪري چڪا آهن ۽ ڪافي جي عالمي شوقينن لاءِ خاص اهميت رکن ٿا.
ڪيفي ان ناياب بينز جو سمورو اسٽاڪ 2.2 ملين درهم (تقريبن 5.3 ڪروڙ رپين) ۾ خريد ڪيو ۽ رڳو 400 ڪوپن جي محدود مقدار ۾ پيش ڪيو پيو وڃي.
ان ڪافي کي پيش ڪرڻ کان اڳ مهمانن کي بينز جي ڪهاڻي ٻڌائي ويندي آهي ۽ ڪافي بنا ڪنهن کنڊ يا کير جي پيش ڪئي ويندي آهي.
ان کان اڳ به دبئي جي مقامي برانڊ روسٽرز اسپيشيالٽي ڪافي هائوس سڀ کان مهانگي ڪافي جي پيالي پيش ڪري عالمي رڪارڊ قائم ڪيو هو، جنهن جي قيمت 2500 درهم هئي.
You might also like