پي ٽي آءِ جو سينيئر اڳواڻ ڪينسر جو شڪار، افسوسناڪ خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جو سينيئر اڳواڻ ۽ ناليوارو وڪيل شعيب شاهين گهڻي عرصي کان منظر تان گم آهي، جنهن سبب سوشل ميڊيا واهپيدار سندس خيريت بابت سوال ڪندا رهندا آهن.
هاڻ وڪيل شمسه جبين ڪياني ايڪس تي تصديق ڪئي آهي ته شعيب شاهين ڦڦڙن جي ڪينسر ۾ مبتلا آهي ۽ ڪيموٿراپي ڪرائي رهيو آهي.
هن واهپيدارن کي شعيب شاهين جي صحتيابي لاءِ دعا جي اپيل به ڪئي.
شعيب شاهين جو واسطو ڊيرا غازي سان آهي، هن 1991 ۾ وڪالت شروع ڪئي ۽ 2014 ۾ پهريون ڀيرو عمران خان جي وڪيل طور عدالت ۾ پيش ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.