اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستاني پاسپورٽ جي عالمي رينڪنگ ۾ بهتري آئي آهي ۽ اهو هاڻ دنيا جي 100 بهترين پاسپورٽس ۾ شامل ٿي چڪو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار پارلياماني معاملن واري وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري قومي اسيمبلي ۾ سوالن جو جواب ڏيندي ڪيو.
هن هينلي پاسپورٽ انڊيڪس 2025 جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستاني پاسپورٽ 20 درجا بهتري حاصل ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان 50 ملڪن سان سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ رکندڙ ماڻهن لاءِ ويزا ڇوٽ معاهدا ڪيا آهن، جنهن سبب رينڪنگ ۾ بهتري آئي آهي.
ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته پاڪستاني پاسپورٽ جي عالمي رينڪنگ ۾ بهتري لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن ۽ ان حوالي سان حڪومت جي پاليسين جو واضح اثر نظر اچي رهيو آهي.
You might also like