شڪارپور (رپورٽ: زاھد سنجراڻي) اڳوڻي نگران صوبائي وزير بئرسٽر محمد عمر سومرو چيو آهي ته جڏهن نگران وزير هئس ته شڪارپور ۾ قبرن مان منشيات ملي هئي، پيرا امتياز شيخ جي بنگلي ڏانهن ويا هئا، محمد عمر سومرو شڪارپور پريس ڪلب پهتو، جتي هن پريس ڪلب جي عھديدارن صدر عبدلسلام انڙ، خزانچي قائم سنجراڻي ابراھيم بروھي عبدلخالق سومرو عتيق ڌڪڙ سلطان رند وحيد بروھي آغا اسرار زاھد نون ۽ ٻين سينئر پريس ڪلب جي ميمبرن کي سنڌي ٽوپي اجرڪ جا تحفا پيش ڪري مبارڪون ڏنيون، ميڊيا سان ڳالهائيندي بيريسٽر عمر سومرو چيو ته هو هڪ مقصد تحت هتي آيو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس سنڌ ۽ ڌرتيءَ سان بي پناهه محبت آهي. هن چيو ته ڪن ماڻهن طرفان مذاق اڏايو ويو ته عمر سومرو ڪير آهي؟ مان نٿو سڃاڻان! اهڙن لفظن سان ڳالهائڻ وارن کي يا ته اقتدار جو نشو آهي يا پوءِ انهن کي ٻيو ڪو مسئلو درپيش آهي، جڏهن نگران وزير هو ته ان وقت ڪجهه سياسي ماڻهن اليڪشن ڪميشن کي خط لکي کيس وزارت تان هٽائڻ جي گهر ڪئي هئي، مون شڪارپور جي تاريخي قبرستان ۾ منشيات جي اڏي تي ڪارروائي ڪرائي هئي، جتي قبرن ۾ منشيات لڪايل هئي ۽ انهن منشيات هلائيندڙن کي انهن ئي ماڻهن جي سپورٽ حاصل هئي، جيڪي اڄ مون تي طنز ڪن ٿا، منشيات جا پيرا امتياز شيخ جي بنگلي ڏانهن ويا هئا، شڪارپور ۾ ادارا صحيح نموني ڪم نٿا ڪن، ايس ايس پي، ڊپٽي ڪمشنر ۽ مختيارڪار سميت هر اداري تي سياسي اثر آهي، نوجوان بيروزگاريءَ سبب ڊپريشن جو شڪار آهن، 27هين آئيني ترميم بابت سوال تي عمر سومرو چيو ته اڃا ترميم جو مسودو سامهون ئي نه آيو آهي، جيستائين مسودو واضح نه ٿئي، تيسين ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي.