سوشل ميڊيا اسٽار سامعه حجاب حيران ڪندڙ الزام هنيو آهي ته پاڪستاني عوام جي ننڍي سوچ سبب ڏينهون ڏينهن منهنجو لباس مختصر ٿيندو پيو وڃي، منهنجا ڪپڙا ننڍا ٿيڻ ۾ قوم جو ڏوهه آهي.
سامعه حجاب جي وائرل ٿيندڙ هڪ مختصر وڊيو ۾ کيس اها ڳالهه ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو.
وڊيو ۾ هوءَ دانهي ٿي ته قوم مون سان سٺو نه ڪيو، مون کي ملڪ کان ٻاهر ڌڪا کائڻ تي مجبور ڪيو ويو، جڏهن ته هن حڪومت ۽ عوام جي هڪ ئي ذهنيت ۽ مليل هجڻ جي دعويٰ به ڪئي.
هن وڌيڪ چيو مان ته عورت آهيان پر پاڪستانين يوٽيوبر رجب بٽ سان به ائين ئي ڪيو، هو ملڪ مان ڀڳل آهي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت ۽ معاشرو مليل آهي، اندر کان سڀ هڪ ئي آهن، پاڻ ۾ مليل آهن، حڪومت ۽ قوم مون سان گڏ رجب بٽ سان به سٺو نه ڪيو.
ٽڪ ٽاڪر چيو ته مان ملڪ کان ٻاهر آهيان ۽ هڪ کان ٻئي ملڪ ڀڄي رهي آهيان، پنهنجي ماءُ کان پري آهيان، مون وانگر رجب بٽ به ڀڄي رهيو آهي.
واضح رهي ته سامعه حجاب هن وقت دبئي ۾ آهي، جتان هن وڊيوز ۽ تصويرون انسٽاگرام تي شيئر ڪيون، جڏهن ته هن پنهنجي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ کي به پرائيويٽ ڪري ڇڏيو آهي.
سامعه حجاب توڙي جو وڊيو ۾ ملڪ کان ٻاهر هجڻ جي تصديق ڪئي پر اهو واضح نه ڪيو ته هوءَ گهمڻ وئي آهي يا ملڪ ڇڏي وئي آهي.
Next Post
You might also like