اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم تي حڪومت طرفان اسان سان ڪا مشاورت ناهي ڪئي وئي.
پارليامينٽ ۾ ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته جڏهن 27هين ترميم جو مسودو ايندو ته پوءِ ڏسنداسين، اسان کي اڃا مسودو ناهي مليو.
ان موقعي تي صحافي سوال ڪيو ته مولانا صاحب! انهن وٽ ووٽ پورا آهن؟ ڇا اهي توهان کي شامل ڪندا؟
ان تي فضل الرحمان چيو ته اهو بهترين سوال آهي، اهو سوال ٺهي ٿو.
You might also like