ڪم جو دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ 10 مريض قتل ڪندڙ نرس کي عمر قيد جي سزا

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني جي عدالت اربع ڏينهن هڪ ڪيئر نرس کي 10 مريضن جي قتل ۽ 27 ٻين جي قتل جي ڪوشش جي الزام ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اولهه شهر آخن جي عدالت 44 ورهين جي شخص کي ڊسمبر 2023 کان مئي 2024 جي وچ ۾ ورسلين جي هڪ اسپتال ۾ ڪيل ڏوهن تي سزا ٻڌائي.
عدالت اهو به قرار ڏنو ته انهن ڏوهن ۾ خاص نوعيت جي سنگيني شامل آهي، جنهن سبب جوابدار کي 15 ورهين کانپوءِ عام طور تي ڏني ويندڙ مشروط آزادي جو حق نه ڏنو ويندو.
جوابدار، جنهن جو نالو عوامي طور ظاهر ناهي ڪيو ويو، تي فريادي ڌر الزام هنيو ته هو مريضن سان زندگي ۽ موت جو مالڪ بڻجڻ جي راند کيڏندو رهيو، نرس گهڻي ڀاڱي وڏي عمر جي مريضن کي نشي آور دوائون يا انجيڪشن لڳائي ماريو ته جيئن رات جي ڊيوٽي دوران پنهنجي ڪم جو بار گهٽ ڪري سگهي.
فريادي ڌر موجب جوابدار ذهني پريشاني جو به شڪار هو ۽ هن مريضن لاءِ ڪڏهن همدردي نه ڏيکاري، نه ئي ڪيس دوران ڪنهن قسم جو پڇتاءُ ظاهر ڪيو.
جوابدار 2007 ۾ نرسنگ جي تربيت مڪمل ڪئي ۽ پوءِ مختلف اسپتالن ۾ خدمتون انجام ڏنيون، هو 2020 کان ورسلين جي اسپتال ۾ ملازم هو ۽ کيس 2024 ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.