موٽر سائيڪل سوارن جي فائرنگ ۾ جي يو آءِ جو سينيئر اڳواڻ مارجي ويو

چارسدا (ويب ڊيسڪ) چارسدا ۾ موٽر سائيڪل سوارن فائرنگ ڪري جي يو آءِ جي سينيئر اڳواڻ مولانا عبدالسلام کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب مندني ٿاڻي جي حدن ۾ مندني ٽو تخت ڀائي روڊ ڀرسان حنيف پيٽرول پمپ وٽ موٽر سائيڪل سوارن فائرنگ ڪئي، واقعي جي جاچ جاري آهي.
مقتول مولانا عبدالسلام هڪ مدرسي جو مهتمم ۽ جي يو آءِ جي صوبائي شوريٰ جو رڪن هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.