آئيني ترميم تي سڀني کي اعتماد ۾ وٺنداسين، پ پ ۽ اسان هڪ پوائنٽ تي پهتا آهيون: اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار واضح ڪيو آهي ته حڪومت آئيني ترميم آڻي رهي آهي ۽ آڻيندي، پ پ ۽ اسان هڪ پوائنٽ تي پهتا آهيون ۽ هاڻ ٻين اتحادين کي آڻينداسين.
سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته 27هين ترميم اچڻ واري آهي، ڪوشش ڪنداسين ته آئين موجب پيش ڪيون، توهان 27هين ترميم تي تقرير ڪندئو، راءِ ڏيندئو.
هن چيو ته معاملو ڪميٽي ۾ ويندو، ان ۾ قومي اسيمبلي جي ڪميٽي به هوندي، خاطري ٿو ڪرايان ته تڙ تڪڙ ۾ ترميم منظور نه ڪرائي ويندي.
سندس چوڻ هو ته اسان پنهنجي سڀ کان وڏي اتحادي سان گڏ ويٺا آهيون، ٻين اتحادي جماعتن ايم ڪيو ايم، اي اين پي، بي اي پي کي به اعتماد ۾ وٺڻو آهي.
اسحاق ڊار چيو ته بلاول ڀٽو جو بيان ڏٺو آهي، بيان ڏيڻ سندس حق آهي، بلاول جن ڳالهين جي نشاندهي ڪئي اها هوا ۾ نه ڪئي، ان تي ڳالهه ٿي آهي، پ پ ۽ اسان هڪ پوائنٽ تي پهتا آهيون ۽ هاڻ ٻين اتحادين کي آڻينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.