سنڌ هاءِ ڪورٽ: اي چالان خلاف درخواست، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ کان جواب طلب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙين تي اي چالان خلاف درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 25 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي لاڳو ڏنڊ وڌيڪ ۽ غير منصفاڻا آهن، ٻين حصن ۾ جنهن ڀڃڪڙي تي ڏنڊ 200 رپيا آهي، ڪراچي ۾ 5 هزار رپيا آهي.
عدالت ۾ داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ٽريفڪ قانونن جا سڌارا صوبي جي ٻين وڏن شهرن ۾ لاڳو ناهن ڪيا ويا، هدايت ڏني وڃي ته لاڳاپيل اختياريون عدالت کي مطمئن ڪن ۽ لاڳو ڪيل ڏنڊ فوري طور معطل ڪيا وڃن.
درخواست ۾ چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ٽريفڪ، ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ ڊائريڪٽر جنرل نادرا کي ڌر بڻايو ويو آهي.
عدالت درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 25 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.