سپريم ڪورٽ جي ڪينٽين ۾ سليڊر ڌماڪو، 12 ڄڻا زخمي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي ڪينٽين ۾ سلينڊر ڌماڪي سبب 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
آءِ جي اسلام آباد سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته صبح 10 لڳي 55 منٽن تي سپريم ڪورٽ ڪينٽين ۾ گيس جو ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿيا، 3 پمز ۽ 9 پولي ڪلينڪ ۾ داخل آهن، جڏهن ته 2 جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي.
هن ٻڌايو ته ڪينٽين ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان گيس جي ليڪيج ٿي رهي هئي، ان سي جي مرمت دوران ڌماڪو ٿيو، ماهرن به ڪليئر ڪري ڇڏيو آهي ته گيس ڌماڪو ٿيو.
سندس چوڻ هو ته اي سي ٽيڪنيشن وڌيڪ زخمي آهن، هڪ ٽيڪنيشن جو 80 سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي.
ذريعن موجب ڌماڪو ايتري قدر زوردار هو جو عدالتن ۾ موجود وڪيل به پنهنجي ڪمرن مان ٻاهر اچي ويا، ڌماڪي سان سپريم ڪورٽ جي ڪورٽ نمبر 6 به متاثر ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.