پ پ پنهنجو وڏو سياسي ڪارنامو پنهنجي هٿن سان دفن ڪندي؟

لاهور(گوهر بٽ) 27هين آئيني ترميم بابت بلاول ڀٽو زرداري وڏي خاموش پر خطرناڪ سياسي چال هلائي ڇڏي آهي،جنهن حڪومتي حلقن ۾ زبردست هلچل پيدا ڪري ڇڏي آهي،اڄ 3 نومبر 2025 آهي۔ هي تاريخ فقط ڪئلينڊر جي ڏينهن نه آهي، بلڪه آئيني ۽ قانوني جدوجهد جي تاريخي ياد ڏياريندڙ ڏينهن مان هڪ آهي،3 نومبر 2007 تي جنرل پرويز مشرف ٻيهر پاڪستان جو آئين معطل ڪيو ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪئي۔هي اهو قدم هو جنهن بعد وڪيل تحريڪ شروع ٿي، ۽ پوءِ جنرل مشرف خلاف آئيني غداري جي ڪارروائي ٿي، جنهن ۾ عدالت کيس موت جي سزا ڏني ـ جيڪا قانوني طور اڄ به موجود آهي۔سڀ کان وڏو ڌماڪو اهو آهي ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي ستاويهين ترميم جي حمايت ڪري ٿي ته پوءِ ارڙهين هين ترميم رول بيڪ ٿي سگهي ٿي، صوبن جو مالي حصو گھٽجي 57٪ کان 42٪ ٿي سگهي ٿو، گئس ۽ معدني وسيلن تي صوبائي حق ختم ٿي وفاق ڏانهن وڃي سگهن ٿااهڙي صورت ۾ پيپلز پارٽي پنهنجو سڀ کان وڏو سياسي ڪارنامو پاڻ هٿان دفن ڪري ڇڏيندي۔ پيپلز پارٽي لاءِ وڏو امتحان اچي ويو آهي،جيڪڏهن بلاول حمايت ڪري ٿو ته سنڌ، بلوچستان ۽ ٻين صوبن ۾ سخت ردعمل،سياسي ڪريڊٽ ختم، پيپلز پارٽي تي “وفاق پرست، اينٽي-صوبائي” ليبل لڳي ويندو ، جيڪڏهن بلاول مخالفت ڪري ٿو ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ دٻاءُ وڌي سگهي ٿوپيپلز پارٽي سياسي جنگ ۾ داخلا لاءِ تيار رهڻي پوندي،مستقبل جي سياسي صف بندي بدلجي سگهي ٿي،هڪ پي پي اڳواڻ مذاق ۾ چيو ته اسان ميڊل ڪلاس وارا هئاسين، اسان کان ڪير پڇندو؟ فيصلا وڏا ماڻهو ڪندا۔”بلاول پهريون ڀيرو ڳجهين ڳالهين کي عوام اڳيان رکي بحث عوامي ڪري ڇڏيو آهي،سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا بلاول قومپرستن جي پاسي ٿي بيهندو؟يا وفاقي اسٽيبلشمينٽ سان گڏ وڃي 18هين ترميم قربان ڪندو؟ڇا پيپلز پارٽي ايندڙ اليڪشن کان اڳ “اصل مزاحمتي ڪردار” اختيار ڪندي؟فيصلو 6 نومبر تي ٿيندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 04 نومبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.