نيو يارڪ (عوامي آواز رپورٽ) تجزئي نگار عبدالقيوم صديقي، آن لائن پروگرام ۾ رضا رومي کي سوالن جا جواب ڏيندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي وفاقي آئيني عدالت جي وڪيل رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي ٽوئيٽ کان اڳ به ترميم جون ڳالهيون هلي رهيون هيون. بلاول ڀٽو زرداري حڪمران اتحاد جو حصو آهي، لڳي ٿو ته ڪو نه ڪو غور ويچار ضرور هوندو، کيس ڪا شئي قبول نه هجي ها ته هو اهڙو بحث اٿاري ها جيئن ڪئنالن جو معاملو هو. هن وقت مخالفت ۾ ڪا شئي نظر نٿي اچي هن نقطن جي ڳالهه ڪئي آهي. اصل مسئلو ملڪ کي هلائڻ جو آهي ۽ پيپلزپارٽي به ته اقتدار ۾ اچڻي آهي. خرچن جو انتظام ڪرڻ مسئلو آهي جنهن جي ڪري اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي جي ڳالهه ٿي آهي، حڪومت هلائڻ ڏکيو آهي ۽ سڀاڻي پيپلزپارٽي کي به حڪومت ۾ اچڻو آهي. پيپلزپارٽي حمايت نه ڪندي ته ن ليگ حڪومت به نه هلي سگهندي ۽ سوال اهو آهي ته پوءِ ڇا ٿيندو ۽ ڪهڙو الائنس ايندو؟ ڇا پ پ، پي ٽي آءِ سان گڏجي ملڪ هلائي سگهندي؟ ڏسڻو پوندو ته آرٽيڪل 243 ۾ ڇا هوندو، ڊرافٽ سامهون اچڻ کان اڳ ڪجهه نٿو چئي سگهجي. 72ع کان اڳ آرمي چيف، نيول چيف، جوائنٽ چيفس بابت اهو هو ته سي ايم سي (چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر) جو عهدو به هوندو هو. هن وقت ڪمانڊنٽ چيف صدر پاڪستان آهي ۽ ان جو ڪو مدو مقرر نه هوندو هو. 73ع جي آئين کانپوءِ مدو مقرر ٿيو هو. 243 ۾ ڇا هوندو اها خبر ناهي پر جيڪي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون اهي آهن ته اهو عهدو شايد بحال ڪيو ويندو. 27هين ترميم جي معاملي تي باقاعده عوامي ۽ پارليامينٽ ۾ به بحث ٿيڻ گهرجي.