بار ڪائونسل چونڊ ۾ اسٽيبلشمينٽ نواز گروپ سوڀارو

اسلام آباد(مزمل سهروردي)پنجاب بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي سخت شڪست ٿي آهي، جڏهن ته اي اين پي، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميدوارن بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. رپورٽن موجب پي ٽي آءِ جو وڪيل ڌڙو پشاور ۽ پنجاب ۾ مالي سهڪار باوجود به سيٽون بچائي نه سگهيو، جڏهن ته اين پي ۽ جماعت اسلامي وڏي برتري سان سامهون آيا۔تجزين موجب، ماضي ۾ وڪيل برادري ۾ پي ٽي آءِ کي اسٽيبلشمينٽ جي سهڪار جو فائدو هو، پر هن ڀيري صورتحال بلڪل برعڪس رهي۔ورڪنگ صحافين ۽ قانوني حلقن ۾ اها ڳالهه به سامهون آئي ته پي ٽي آءِ جي قيادت مخصوص بارز ۾ پئسا خرچ ڪيا، جڏهن ته باقي بارز کي نظرانداز ڪيو، جنهن جي ڪري ردِعمل ۾ ووٽ مخالف پاسي ويا۔ياد رهي ته سپريم ڪورٽ بار چونڊن کانپوءِ چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن حامد خان گروپ کٽي وڃي ٿو ته 26هين آئيني ترميم روڪي سگهجي ٿي، جيڪي عدالتي سڌارن بابت بحث هيٺ آهي۔ پر هن ڀيري احسن ڀون گروپ، جنهن کي اسٽيبلشمينٽ نواز سمجهيو پيو وڃي، به ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته وڪيل برادريءَ ۾ متبادل سوچ وڌي رهي آهي۔

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 03 نومبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.