ايران جو پنهنجا جوهري اثاثا وڌيڪ طاقت سان ٻيهر تعمير ڪرڻ جو اعلان

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته اسان پنهنجي جوهري اثاثن کي وڌيڪ طاقت سان ٻيهر تعمير ڪنداسين پر ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جو ارادو نٿا رکون.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ايٽمي توانائي تنظيم جي دوري دوران ڪيو، جتي هن جوهري صنعت جي سينيئر اختيارين سان ملاقات ڪئي.
صحافين سان ڳالهائيندي مسعود پزشڪيان چيو ته عمارتن ۽ فيڪٽرين کي تباهه ڪرڻ سان اسان کي ڪو مسئلو نه ٿيندو، اسان انهن کي ٻيهر تعمير ڪنداسين ۽ هن ڀيري وڌيڪ طاقت سان ڪنداسين.
هن چيو ته اسان جو سمورو جوهري پروگرام عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ آهي، اهو بيمارين جي علاج ۽ عوام جي صحت لاءِ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.