ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اي چالان خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ ٻي درخواست داخل ڪئي وئي.
درخواست شهري گوهر عباس طرفان داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ٽريفڪ، ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ نادرا جي ڊائريڪٽر جنرل کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي لاڳو ڪيا ويندڙ ڏنڊ تمام وڌيڪ ۽ غير منصفاڻا آهن، لاهور ۾ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ 200 رپيا، جڏهن ته ڪراچي ۾ 5 هزار رپيا آهي.
درخواستگذار موجب ڌرين کي هدايت ڪئي وڃي ته اختياريون ان معاملي تي عدالت کي مطمئن ڪن، گڏوگڏ لاڳو ڪيل ڏنڊ فوري طور معطل ڪيا وڃن.
”لاهور ۾ ڏنڊ 200 ۽ ڪراچي ۾ 5 هزار“ اي چالان خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل
You might also like